معصوم ٻارڙي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ويهي حيران ڪري ڇڏيو

0
366

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) معصوم ٻارڙي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ويهي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ 9 ورهين جو ٻارڙو باهه تي رکيل پاڻي جي ڪڙهائي ۾ ويهي رهيو، معصوم ٻارڙي کي ٽهڪندڙپاڻي ۾ ويهندي ڏسي وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، ٻارڙي جي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ويهي ماڻهن کي هٿ جوڙڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن کي 25 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي ۽ پسند ڪري چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه صارفين تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ماڻهن کي بي وقوف بڻائڻ جي اها پراڻي چال آهي.