معصوم مغوي جعفر ڀٽو ۽ لاتعلق بڻيل پوليس

0
134
 ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته، “ٻار خدا جي باغ جا گل هوندا آهن” ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جو پڻ هڪ فرمان آھي ته، “جنهن ڏينهن دنيا ۾ ٻار ڄمڻ بند ٿي وڃن

 ڪنهن ڏاهي چيو آھي ته، “ٻار خدا جي باغ جا گل هوندا آهن” ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جو پڻ هڪ فرمان آھي ته، “جنهن ڏينهن دنيا ۾ ٻار ڄمڻ بند ٿي وڃن ته پڪ سمجهو آسمانن واري بادشاهت (الله)  زمين واري مخلوق سان ناراض ٿي آهي.“

                 سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان معصوم ٻالڪ گلن جهڙن شهزادن ۽ شهزادين کي اغوا ڪري زيادتيءَ جو نشانو بنائي قتل ڪري انهن جا لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪري يا ته گندگيءَ جي ڍيرن تي اڇلايا وڃن ٿا يا ته وري گٽرن ۾ ڦٽي ڪيا وڃن ٿا. ھن ملڪ اندر اھڙا واقعا اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا يا وري سوشل ميڊيا جي ذريعي ھر نئين ڏينهن نظر مان گذرندا آھن. ھاڻي ته ڄڻ اِھو احساس ئي مري چڪو آھي، جو اھڙا دردناڪ واقعا پيش ايندي به ماڻهو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي.

                  سچ اُھو به آھي ته جتي انصاف ناھي ھوندو، اتي امن جي وجود کي تيلي لڳل ھوندي آھي ۽ ھن ملڪ اندر خاص ڪري سنڌ ۾ مُسلسل وڌندڙ بدامني، قتلام، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن پر اھڙن واقعن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي به ڪيترائي سوال اٿاري رھي آھي ته ڇو ڏوھن تي ڪنٽرول ناھن ڪري سگهيا. ھڪ اھم ڳالھ اِھا به آھي ته جيڪڏھن جاگيرداري سسٽم جي ڪري انصاف اڻبرابري جي ور چڙھيل نه ھجي ھا ته شايد سنڌ اندر اھڙا واقعا جنم ئي نه وٺن ھا، ۽ انسان جو رت ايترو سستو نه ھجي ھا ۽ نه ئي گُلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي بيدرديءَ سان ماريو وڃي ھا. خاص ڪري سنڌ اندر وڌيل بدامني جو ڪارڻ اِھو به آھي جو ھميشه ڏوھارين جي پٺڀرائي ٿيندي رھي آھي ۽ سنڌ اندر اغواڪارن کي سزا ئي نٿي اچي.

 تازو واقعو ضلعي خيرپور ميرس جي شهر ھنڱورجا جي ڳوٺ موريل ڀٽو مان چئن ورھين جي جعفر ڀٽو کي اغوا ڪيو ويو آھي، جنهن واقعي کي لڳ ڀڳ ھڪ مهينو ٿيو آھي پر سندس ھن وقت تائين ڪو به ڏس پتو ناھي ملي سگهيو. ضلعي ۽ شهر جي سياسي، سماجي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت مائٽ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن، تنهن باوجود به ھتان جي پوليس انتظاميا اگهور ننڊ ۾ سُتل آھي، ڄڻ ته ھن علائقي ۾ ڪو واقعو ئي پيش ناھي آيو. پوليس انتظاميا معصوم جعفر ڀٽو کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چُڪي آھي. ڌاڙيلن اڳيان قانون به بيوس بڻيل نظر اچي رھيو آھي. حڪمرانن کي ڪهڙي سُڌِ ته پورھيتن، مسڪينن جي ڪهڙي عيد ھوندي آھي ۽ انهن جي ڪيئن عيد گذرندي آھي. ھڪ طرف ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آھي ته ٻئي طرف سيلاب ۾ بي گهر ٿيل سنڌ جا ماروئڙا آهن، جيڪي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ ھئڻ باوجود به انهن پنهنجي معصوم ٻارڙن جي خوشين خاطر ٿوري عيد جي تياري ڪئي ھوندي، جيئن سندن ٻارڙن کي غربت جو احساس نه ٿئي پر اغوا ٿيل معصوم جعفر ڀٽو جي گهر ۾ اُن ننڍڙي تياري جي جڳھ تي سندس ڀينرون، ماءَ روئي پٽي ۽ ماتم ڪري رھيون آھن. ھنڱورجا شهر جي پسگردائيءَ ۾ رھندڙن ڪنهن پير، مير، وڏيري يا جاگيردار جو جيڪڏھن پُٽُ اغوا ٿي وڃي ھا ته پوليس ڊپارٽمينٽ جي سمورن آفيسرن جون نه صرف ننڊون حرام ھجن ھا پر چوويهن ڪلاڪن جي اندر امير ماڻهوءَ جو اولاد بازياب ٿي وڃي ھا.معصوم جعفر ڀٽو ته ھڪ پورھيت جو پُٽُ آھي، انهيءَ جي ڪري پوليس انتظاميا ۽ قانون جي رکوالن کي ان معصوم کي بازياب ڪرائڻ جو ڪهڙو لاچار! جڏهن عيد جو سج اڀرندو، ھر ٻار پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان ڳلي ملندو پر معصوم جعفر ڀٽو جي امڙ پُٽَ جون راھون تڪيندي رھندي ته ڪهڙي گهڙيءَ ۾ سندس پُٽُ ظالمن جي چنبي مان آزادي ماڻي گهر واپس ورندو. سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو نظر مان گذري، جنهن ۾ معصوم جعفر ڀٽو جي امڙ پاڪ ڪتاب کڻي ائين دانهي رھي ھئي ۽ سندن جي اکڙين مان بيوسيءَ جا لُڙڪ ائين ڪِري رھيا ھئا، ڄڻ اندران اکين جي ضبط جو بند ٽُٽي پيو. پوليس انتظاميا جي اھڙي مجرمانه بيحسي ۽ خاموشي اُھو واضح ۽ چٽو ٻُڌائي رھي آھي ته ھو صرف نالي جا آفيسر آھن، باقي انهن جا اصل مالڪ جهنگ ۾ ويٺل آھن، جن جي ھٿن ۾ سندن ريموٽ آھن، جڏھن چاھين جهڙو بٽڻ دٻائي ڇڏين ٿا، جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناھي. ظلم جي انتها هِي به آهي ته حڪومت رياست، ۽ رياست جا ادارا معصوم ٻارڙن جي اَغوا تي به خاموش تماشائي بڻيل آهن. انهن ۾ پنهنجي منصبي ذميواريءَ جو احساس هجي ها ته، ھنڱورجا واسي مَعصوم جعفر ڀٽو، ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نازيه کوسو ۽ ننڍڙي ڪوثر کوسو کي عيد کان اڳ ضرور بازياب ڪرائين ها.