انقرهه(دلچسپ نيوز) معصوم رڇ ۽ ڀولڙي جي دوستي انوکو مثال بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ترڪي جي چڙيا گهر ۾ موجود رڇ جو ٻچو۽ ڀولڙو گڏ رهن ٿا. اتر اوڀر واري علائقي گزيانتپ ۾ اهو چڙيا گهر جانورن جي دوستي سبب مشهور بڻيل آهي، ماڻهو وڏي انگ ۾ روز اچي ٻنهي مختلف جانورن کي ڏسڻ لڳا جڏهن ته انهن جي دوستي ايترو ته مثالي بڻجي وئي آهي جو ماڻهو سندن وڊيوز ڀري سوشل ميڊيا تي رکن ٿا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معصوم رڇ ۽ ڀولڙي کي 4 ڪلاڪ ٻاهر باغ ۾ آندو وڃي ٿو، ٻئي جانور انهن 4 ڪلاڪن دوران هڪ ٻئي سان راند ڪن ٿا ۽ پيار ڪن ٿا. ماڻهو اهي منظر ڏسي جانورن جي انوکي محبت جا مثال ڏين ٿا.