اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان خدشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم کان پ پ سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم جي وفد اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، خالد مقبول، وسيم اختر، فيصل سبزواري موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم سان گڏ راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق ۽ اياز صادق به موجود هئا. ذريعن موجب گورنر سنڌ وزيراعظم کي ايم ڪيو ايم جي خدشن کان آگاهه ڪيو ايم ڪيو ايم جو موقف هو ته تڪبندين کانسواءِ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، ايم ڪيو ايم وفد آگاهه ڪيو ته تڪبندين معاهدي ۾ اهم نقطو آهي، ان کانسواءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ وڃڻ ڪراچي ۽ سنڌ جي شهرين سان ناانصافي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي تي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم نه ڪرڻ ۽ 140 اي تي عمل نه ڪرڻ جي شڪايت پڻ ڪئي. ايم ڪيو ايم قيادت زور ڀريو ته توهان ۽ مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي معاهدي جا ضامن هئا، هاڻي توهان فيصلو ڪيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ايم ڪيو ايم پاڪستان زور ڀريو ته گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي، جلد فيصلو ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پيپلزپارٽي نه ٿي مڃي ته پوءِ ٻڌايو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد مقبول صديقي ۽ ڪامران ٽيسوري وزيراعظم کي دانهن ڏني ته ڪجهه به نه پيو ٿئي، جيڪڏهن صورتحال ائين ئي رهي ته اسان جو حڪومت ۾ رهڻ جو جواز نٿو ٺهي. ايم ڪيو ايم قيادت دانهن ڪئي ته وزيراعظم صاحب! اسان لاءِ پنهنجي ووٽرن ۽ عوام کي جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته توهان مداخلت ڪيو ۽ پ پ سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪرايو. ذريعن موجب وزيراعظم کين خاطري ڪرائي ته توهان اهم اتحادي آهيو، وفاق ۽ صوبي ۾ جيڪي معاهدا ڪيا ويا آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کي اهڙي طرح اڪيلو نٿو ڇڏي سگهجي، آصف زرداري ۽ بلاول سان پاڻ ڳالهائيندس.