شاهپورچاڪر: خليفي غلام حيدر عرف دودو انڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي مونکي ڪا به ڄاڻ ناهي، اڳ به انهن تشدد جو ڪوڙو الزام هنيو هو، هن چيو ته انهن جو پاڻ ۾ برادري اختلاف آهي، شڪايت تي حر جماعت جي اصولن موجب فيصلو ڪيو ويو، فيصلي تي الزام لڳائيندڙ ڌر نه بيٺي ۽ اٿي واپس هلي وئي هئي، هن چيو ته جماعت جي اصول موجب فيصلو نه مڃڻ تي سندن هٿ بند ڪيو ويو، هاڻ انهن کي گهرجي ته فيصلا ڪاميٽي ۾ وڃن، اگر هو صحيح هوندا ته سندن هٿ کوليو ويندو، باقي ڪوڙا الزام لڳائڻ مان کين ڪجهه نه ورندو، خليفي غلام حيدر عرف دودو انڙ کان پنهنجي اخبار ڪراچي آفيس پاران جڏهن اهو پڇيو ويو ته اوهان ڪهڙي چوڪي جا خليفا آهيو ته هن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اهو اوهان کي روبرو ٻڌائيندس، پنهنجي اخبار پاران کيس ٻڌايو ويو ته اوهان سان ڪراچي آفيس مان مخاطب آهيون ته هن جواب ۾ چيو ته ايترو تفصيل اوهان کي ٻڌائڻ ضروري نٿو سمجهان، جنهن بعد هن فون لائين ڪاٽي ڇڏي.