اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار معاشي پاليسين لاءِ ريفامز اينڊ رسورس موبلائيزيشن ڪميشن جوڙي ڇڏيو، اشفاق تولا کي ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ايف بي آر ڪميشن جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن موجب ڪميشن ۾ آصف هارون، حيدر علي پٽيل، عبدالقادر ميمڻ، ثاقب شيرازي، غضنفر بلور سوڌو 11 ميمبر شامل آهن، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس، صدر پاڪستان ٽيڪس بار ايسوسيئيشن، چيئرمين ايف بي آر به ڪميشن ۾ شامل هوندا. ايف بي آر ميمبر ڪميشن جو سيڪريٽري هوندو. ڪميشن ۾ نثار محمد ڪسٽمز، ڊاڪٽر محمد اقبال انجم ٽيڪس، عبدالحميد سيلز ٽيڪس ماهرن طور شامل هوندا. ڪميشن پاران ٽيڪس قانونسازي جي پيچيدگين جو جائزو ورتو ويندو، ڪميشن خودمختيار هوندو، ڪميشن پاران آءِ ٽي نظام جو جائزو ورتو ويندو، سفارشون ڏنيون وينديون.