واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان جي معيشت لاءِ خراب خبر آهي ته عالمي بينڪ هلندڙ مالي سال دوران هڪ ارب 10 ڪروڙ رپين جي قرض ڏيڻ کان انڪار ڪندي ان جي منظوري ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف حڪومت آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام جي بحالي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. عالمي بينڪ پاڪستان ۾ امپورٽس تي فلڊ ليوي لڳائڻ جي به مخالفت ڪئي آهي. عالمي بينڪ کي پائيدار معيشت جي مد ۾ 45 ڪروڙ ڊالر ۽ سستي توانائي جي مد ۾ 60 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻو هو جڪيو به ملتوي ڪيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پائيدار معيشٽ بورڊ ڊسڪشن مالي سال 2024ع ۾ متوقع آهي جڏهن ته سستي توانائي لاءِ قرض به ايندڙ سال منظور ڪري سگهجي ٿو. ذريعن موجب حڪومت بينڪ جي هدايتن موجب قدم نه کڻڻ تي اهو قرض روڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته قرض ملتوي ناهي ٿيو حڪومت قرض وٺڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عالمي بينڪ جا ڪجهه مطالبا هئا جن جو تعلق صوبن سان آهي، اسان سمورو ڪم مڪمل ڪيو آهي پر عالمي بينڪ جي وڪيلن موجب ڪجهه دستاويز کٽل آهن. هوڏانهن حڪومت آءِ ايم ايف جي قرض جي بحالي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي اڻ سڌن ٽيڪسن ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي شرحن ۾ اضافو ڪري 300 کان 400 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا ويندا. بجلي جي پوري قيمت 7.50 رپيا في يونٽ ۽ گيس جي قيمتن ۾ 50 کان 60 سيڪڙو تائين اضافو ڪري عوام کان اوڳاڙي ڪرڻ شامل آهن.