ڪراچي( اسٽاف رپوٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ملڪ جي مالياتي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي صدقات بينڪ ۽ زڪوات بينڪ قائم ڪيون وڃن، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  ملڪ جي جاگرافيائي صورتحال ۽ دهشتگردي سبب فوج ۽  انهي سان لاڳاپيل ادارن جي فنڊن ۾ ڪٽوتي نه ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته  غير ملڪي ڪرنسي جو ذخيرو ڪندڙن خلاف حساس ادارن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن،