معاشري کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويل وياج

0
200
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هونئن ته ملڪي ڪاروبار کان وٺي سڄي دنيا جو معاشي نظام، انهي ماشي ٻولي ۾ “انٽريسٽ” سڌي ۽ آسان ٻولي ۾ وياج تي هلي ٿو ۽ دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ يا بئڪنگ نظام يا مالياتي ادارو هجي جيڪو انهي کانسواءِ هلندو هجي،

پر انهي انٽريسٽ يا وياج جي نظام  کي هلائڻ لاءِ هڪڙا ضابطا، ڪي قانون، ڪي حدبنديون مقرر ٿيل آهن جنهن سان ڪاروبار به هلي ٿو، واپار به هلي ٿو، مالياتي ۽ بئنڪنگ نظام به هلي ٿو ته دنيا به هلي ٿي. انهي کانسواءِ انهن جو هلڻ ناممڪن ٿي وڃي پر جڏهن اهو وياجي نظام خانگي طور معاشرن ۾ هلندڙ هجي ۽ انهي تي وقت جي حڪومت،

انتظامي مشينري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ نه اچن، اهو ڪنهن به حدن يا مقرر معيار کان مٿانهون ٿي ڪم ڪري ته اهو انساني حياتيون ڳڙڪائڻ لڳندو آهي ۽ ماڻهو جي محنت جي ڪمائي سان گڏ انهن جو رت به چوسڻ لڳندو آهي، جيئن دادو ضلعي ۾ ٿيل هڪ واقعو سامهون آيو آهي جيڪو سڌريل معاشري ۽ جهموري نظام آڏو هڪ سوال بڻجي اڀريو آهي.

دادو ۾ هڪ پرائمري استاد وياجين جي ڏاڍاين کان تنگ ٿي پنهنجو پاڻ کي ٽرين آڏو اڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏي.ٽي ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي بابت چيو ٿو وڃي ته پرائمري استاد هڪ پلاٽ ورتو جنهن جي قيمت ڏهه لک رپين کان به گهٽ هئي پر هو وياج سبب انهي تي 40 لک رپيا ڀري چڪو هو،

جنهن باوجود وياجي کيس تنگ ڪندا هئا ۽ وڌيڪ وياج ۽ 40 لک رپيا ڏيڻ لاءِ ڌمڪائيندا هئا.اها رقم چڪائڻ لاءِ انهي پرائمري استاد اڳواٽ ريٽائرمينٽ وٺي اهي پئسا وياجين حوالي ڪيا ۽ ڳوٺ ۾ زمين کپائي اها رقم به وياجين کي ڏني پر نه وياج ختم ٿيو نه ئي اصل رقم، تان جو هن  وياجين مان  پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ حياتي تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.

 اهو ڪو پهريون ڪيس ناهي جيڪو سنڌ ۾ سامهون آيو آهي اڳ ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿيا آهن جن ۾ ماڻهو مجبوري ۾وياج تي رقم ڏيندڙن وٽ ڦاسن ٿا پوءِ پنهنجو الهه تلهه کپائي به اها رقم ۽ وياج موٽائي نه ٿا ڏئي سگهن ۽ آخرڪار پنهنجي حياتي تان هٿ کڻي انهن وياجين جي تڪليفن ۽ ڌمڪين کان آجا ٿين ٿا. وياجي نظام هلائيندڙ ماڻهو ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي مدد سان اهو ڪڌو ڪاروبار ڪندا رهن ٿا،

ڪٿي ڪٿي ته انهن کي چونڊيل نمائندن ۽ حڪومتي ماڻهن جي سرپرستي به حاصل آهي نه ته جيڪڏهن اهي وياج جو ڪاروبار هلائيندڙ بااثر نه هجن ته انهن جي سڃاڻپ هئڻ باوجود قانون جي پڪڙ کان آجو هجڻ آخر ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي.؟ دادو جي هن تازي ٿيل واقعي بابت ڇا ضلعي انتظاميا ۽ پوليس بي خبر هوندي؟ ڇا اهي ماڻهو جن وياج جي رقم لاءِ استاد کي خودڪشي تي مجبور ڪيو اهي انتظاميا کان لڪل آهن ؟ جو اهي اڃان تائين قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن؟ هي خودڪشي نه پر هڪ کليل قتل آهي جنهن جا قاتل اهي وياج خور آهن جيڪي انهي استاد کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا.

 خبر ۾ ڄاڻايل آهي ته اها هڪڙي گينگ آهي جيڪي خاص ڪري ننڍن ملازمت پيشا ماڻهن کي مجبوري ۾ پئسا ڏئي انهن جا سروس ۽ چيڪ بوڪ پاڻ وٽ قبضي ۾ ڪري ٿي ڇڏي ۽ انهن جي ايندڙ سرڪاري  پگهار وياج طور کڻندي رهي ٿي ۽ اصل رقم وڌندي رهي ٿي .

اسان سمجهون ٿا ته بنا ضابطن ۽ حدن جي هلندڙ اهو وياج جو ڪاروبار معاشري جي رڳن ۾ زهر وانگر ڦهلجي رهيو آهي ۽ اهو وڻ ويڙهي وانگر وڌندو معاشري کي سڪائي ساڙي رهيو آهي. تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي هن ڪيس کي هڪ مثال طور وٺي انهن وياج خورن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي.

جيڪڏهن انهن ۾ ڪي حڪمران پارٽي جا ماڻهو يا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جا عملدار به ڀائيوار آهن يا حصيدار آهن ته انهن کي به بخش ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو معاملو اتي نه رڪيو ته خبر ناهي ڪيترا خاندان تباهه ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته هن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ معاشي مجبوريون هر ماڻهو سان لاڳاپيل آهن ۽ اهي وياج خور انهن جو ناجائز فائدو وٺي اهڙو ڪڌو ڪاروبار ڪندا رهن ٿا.