مظفر ڳڙهه (م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ اينٽي ڪرپشن جو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالحئي دستي جي گهر تي ڇاپو، ساڍا 12 ڪروڙ رپيا هٿ، اهلڪارن کي نوٽ ڳڻڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويا، اينٽي ڪرپشن موجب اطلاع مليا ته عبدالحئي دستي جي گهر پرويز الاهي ۽ مونس الاهي کان وصول ڪيل وڏي رقم  موجود آهي، جنهن بعد ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران اڳوڻي صوبائي صلاحڪار عبدالحئي بلوچ جي گهر مان ساڍا 12 ڪروڙ رپيا هٿ آيا آهن، ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ٻن تجورين ۾ لڪائي ڪئي وئي هئي، عبدالحئي پي پي 270 تان پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ه. اينٽي ڪرپشن موجب عدالت مان سرچ وارنٽ وٺي عبدالحئي دستي جي گهر جي تلاشي ورتي.