ڏوڪري (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ پاران شاعر  ۽ ليکڪ مظفر منگيءَ جي چاليهي جي تقريب جي صدارت ايڊووڪيٽ امداد جويو ڪئي، جڏهن ته قربان جتوئي، اقرار پيرزادي ۽ ياسر منگيءَ کي اعزازي مهمان طور اسٽيج تي ويهاريو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ امداد جويو، اقرار پيرزادي، قربان جتوئي، ياسر منگي، علي بخش پٺاڻ ،حاڪم منگي، ڪامريڊ بچل سولنگي ۽ ٻين مقررن چيو ته مظفر منگي هڪ شاعر ۽ ليکڪ ھجڻ سان گڏ شاهه جو عاشق پڻ هو ۽ سندس ڀٽائيءَ سان عشق ان ڳالھ مان واضح هيو ته هو اڪثر ڀٽائيءَ جي شاعري پڙهندي روئي ڏيندو هيو. هنن چيو ته مظفر منگيءَ جو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ڪيل تحقيقي ڪم سنڌي ادب ۾ انتهائي منفرد حيثيت رکي ٿو، ڇو ته ان کان اڳ اهڙو ڪم ڪنهن محقق نه ڪيو آهي، جڏهن ته هن ڀٽائيءَ کي سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي نئين انقلابي انداز سان پيش ڪيو جنهن وڏي عوامي مقبوليت حاصل ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته مظفر منگي نه رڳو هڪ اديب پر سنڌ ڌرتيءَ سان سچائيءَ جي حد تائين عشق ڪندڙ وطن پرست هيو، وفات کان اڳ اديب دوستن سان ملاقات وقت به سندس لبن تي ڌرتيءَ سان پيار جي اظهار جا لفظ هيا ۽ وٽس وطن جي آزاديءَ جي اميد هئي. تقريب ۾ مظفر منگيءَ جي زندگيءَ بابت ڊاڪيومينٽري وڊيو پڻ ڏيکاري وئي ۽ سندس ڳايل شاعري پڻ ڏيکاري وئي.