تهران(م ڊ) ايران ۾ اڳوڻي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاني جي ڌيءَ سماجي ڪارڪن فائزا هاشمي کي رياست مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ قومي سلامتي خلاف ڪم ڪرڻ جي الزام هيٺ پنج ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. فائزا هاشمي کي حجاب مامري تي حراست هيٺ ناري مهسا اميني جي موت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن دوران گرفتار ڪيو ويو هو. مٿس قومي سلامتي خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ، پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا هئا.