ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل سنڌ روينيو رجسٽريشن جي سڏ تي روينيو ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ رجسٽريشن آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ملازمن جي احتجاج سبب رجسٽريشن آفيس جو وهنوار ٺُپ ٿي ويو، ان موقعي تي ڪشمير ڌاريجو ۽ ٻين چيو ته ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ملازمن مٿان نه مڙهيو وڃي. هنن چيو ته اي رجسٽريشن لاءِ ريگيولر ملازمن کي ٽريننگ ڏئي سب رجسٽرار آفيسن ۾ اي سسٽم لڳايو وڃي. هنن چيو ته اي سسٽم جي نالي تي مستقل ملازمن کي بي روزگار ڪيو پيو وڃي. جيڪا ملازمن سان ناجائزي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سمورن سب رجسٽرارن کي آفيسون ڏنيون وڃن.