ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 23 ايمپلائيز تنظيمن تي ٻڌل سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس 12 نقاطي مطالبن جي مڃتا لاءِ 13 اپريل کان سڄي سنڌ ۾ مظاهرن ۽ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. الائنس اڳواڻن موجب 13 اپريل کان سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مظاهرا، 21 اپريل کان ريجنل ڪنوينشن ڪوٺائي 25 مئي تي ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، الائنس طرفان 9 مارچ تي وزيراعليٰ هائوس ۽ چيف سيڪريٽري آفيس ۾ پنهنجن خدشن تي ٻڌل خط جمع ڪرايا ويا پر کين ڪوبه جواب نه ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ 22 مارچ تي ٻيهر خط جمع ڪرايو ويو 6 اپريل تي وري سنڌ حڪومت کي ملازمن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو پر لڳاتار نظر انداز ڪرڻ تي ملازمن جي حقن لاءِ روڊن تي اچڻ جو اعلان ڪيو آهي،