ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي نااهل قرار ڏيڻ بابت داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال خلاف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سلمان مجاهد بلوچ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته مصطفيٰ ڪمال هن وقت ڪو عوامي عهدو نه ٿو رکي، ان حوالي سان درخواست تمام دير سان داخل ڪئي وئي آهي. عدالت جاري ڪيل حڪمنامي ۾ آبزويشن ڏني ته درخواستگذار مصطفيٰ ڪمال جي 2002ع کان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي رڪنيت، وزارت ۽ ميئر جي اهليت کي چيلنج ڪيو، لڳي ٿو ته درخواستگذار ان وقت گهري ننڊ ۾ ستل هو. عدالت چيو ته حقيقتن کي نظر ۾ رکندي مصطفيٰ ڪمال جي نااهلي بابت درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.