مصطفيٰ قريشي پاران ايس ڊي اي جي 2 پلاٽن ۾ هيرڦير جو انڪشاف

0
237
مصطفيٰ قريشي پاران ايس ڊي اي جي 2 پلاٽن ۾ هيرڦير جو انڪشاف
مصطفيٰ قريشي پاران ايس ڊي اي جي 2 پلاٽن ۾ هيرڦير جو انڪشاف

ڄامشورو(رپورٽر) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي انتهائي معتبر شخصيت ۽ مشهور اداڪار مصطفي’ قريشي چيو آهي ته سنڌي آهيان، سنڌ ۾ رهڻ ۽ دفن ٿيڻ جي خواهش آهي

موجوده صورتحال خراب آهي جنهن جا ذميوار حڪمران آهن، هن جديد دور ۾ به هالي ووڊ ۽ بالي ووڊ جي دنيا عروج تي آهي پر لاهور جي لالي ووڊ هاڻي لالي پاپ بڻجي وئي آهي

فلم اسٽوڊيو ڊهي ويا آهن ۽ سئنيمائن جي جاءِ تي پلازه ٺهي ويا آهن،  هن وقت 2، چار فلمون ٺهي رهيون آهن، فلم انڊسٽري جي تباهي جي ذميوار پاڪستان حڪومت آهي، ملڪي تاريخ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کان سواءِ ڪنهن به حڪمران فلم انڊسٽري جي واهر نه ڪئي

هن وڌيڪ چيو آهي ته سيوهڻ شريف منهنجي وڏڙن جو شهر آهي، ان خواهش سان سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڪيترو عرصو اڳ ٻه پلاٽ خريد ڪيا هئا، ڊگهو عرصو مالڪي نه ٿيڻ تي سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڪامورن انهن ۾ هيرڦير ڪري وڪرو ڪري ڇڏيا هئا پر هاڻي مسئلو حل ٿي ويو آهي