قاهرا (دلچسپ نيوز) مصر ۾ کوٽائي دوران 3 هزارسال قديمي شهردريافت ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مصر ۾ لڪسور ويجهو هڪ علائقي ۾ آثار قديمه جي ماهرن کوٽائي شروع ڪئي آهي. لاڳيتو ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ کوٽائي دوران 3 هزار سال قديم شهر جي باقيات نڪري آئي، ماهرن اها باقيات عنج آمون جي مقبري بعد ملندڙ سڀ کان اهم قرار ڏئي ڇڏي آهي. سندن چوڻ آهي ته واري ۾ هزارين سالن کان دٻيل اهو شهر توتخ عنڪ آمون جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ماهرن موجب هزارين سال اڳ اهو شهر ڪنهن قدرتي آفت اچڻ سبب دٻجي ويو هو.