قاهره  (م ڊ) دنيا ۾ ڪٿي به ڪا ناانصافي ٿيندي آهي ته ان جو فيصلو جج ڪندا آهن، پر جج پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن قانون جون ڀڃڪڙيون ڪندا آهن ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو آهي. اهڙو ئي واقعو مصر جي قاهره ۾ پيش آيو آهي، جتي هڪ جج کي پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه تي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. عرب ميڊيا موجب مصري جج تي پنهنجي دوست سان گڏجي پنهنجي گهرواري کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گذريل مهيني فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو. جج جي گهرواري مصري ٽي وي تي ميزبان هئي ۽ ان جو لاش جون مهيني ۾ قاهره جي هڪ ڏورانهين علائقي مان هٿ ڪيو ويو هو، عورت جي قتل جي الزام ۾ سندس مڙس ۽ مڙس جي دوست کي موت جي سزا ڏني وئي آهي. فوجداري عدالت ٻنهي جو ڪيس مصر جي مفتي اعظم کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. واضح رهي ته مفتي اعظم موت جي سزائن واري فيصلن تي حتمي راءِ ڏيندو آهي، تنهن هوندي به ان کي اهڙا ڪيس موڪلڻ قانون موجب فيصلي تي عمل ڪرائڻ کان اڳ رڳو هڪ رسمي ڪارروائي آهي. عدالت ۾ ايندڙ ٻڌڻي مفتي اعظم جي امڪاني منظوري کانپوءِ 11 سيپٽمبر تي مقرر ڪئي وئي آهي.