قاهرا(دلچسپ نيوز) مصر ۾ اڏام دوران عورت جهاز ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قاهرا ايندڙ هڪ حاملاعورت کي ان وقت ويم جا سور شروع ٿي ويا جڏهن مصري جهاز اڃا اڏام ڪري رهيو هو. جهاز جي لينڊنگ کان اڳ ئي تڪليف ٿيڻ سبب پائليٽ جهاز جو روٽ تبديل ڪري ان کي ويجهي واري شهر اسوان جي ايئرپورٽ تي لاٿو ۽ فوري طور ڊاڪٽرن جي ٽيم کي طلب ڪري عورت کي طبي امداد ڏني وئي جنهن سبب هن هڪ صحت مند ٻارڙي کي جنم ڏنو، جنهن بعد جهاز ٻيهر پنهنجي منزل ڏانهن اڏام شروع ڪئي. جڏهن ته جهاز ۾ موجود عملي ٻارڙي کي تحفا ڏنا ۽ سندس لاءِ سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو.