ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور مصر جي اداڪارا سماح انور دعويٰ ڪئي آهي ته هن صحت جي مسئلن سبب 17 سال پاڻي ناهي پيتو. هڪ خانگي ميڊيا چينل کي انٽرويو ڏيندي سماح انور چيو ته جڏهن به مان سادو پاڻي پيئندي آهيان ته منهنجي صحت تي هاڃيڪار اثر ٿيندا آهن. هن چيو ته پاڻي پيئڻ سان سندس پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي ۽ جسم ۾ تڪليف ٿيندي آهي.  سماح انور چيو ته ضروري ناهي ته سڌو پاڻي پيئجي. فروٽ، سبزين، ڪافي ۽ سافٽ ڊرنڪ سان به جسم کي پاڻي ملي ويندو آهي. هن جي جسم کي جيتري پاڻي جي ضرورت هوندي آهي اهو کيس ملي ويندو آهي. هن ٽي وي تي ڪيترن ئي سوالن جي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.