مصروفيت سبب مڙس جي حرڪتن تي نظر نه رکي:شلپا

0
225

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاراشلپا شيٺي چيو آهي ته مصروفيت سبب مڙس جي حرڪتن تي نظر نه رکي. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس اداڪارا شلپا شيٺي جو بيان چالان سان گڏ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ شلپا چيو آهي ته هو پنهنجي فلمي سرگرمين ۾ مصروف هئي انڪري مڙس راج ڪندرا جي حرڪتن تي نظر نه رکي سگهي سندس چوڻ هو ته مون کي خبر ئي نه پئي سگهي ته راج فحش فلمون ٺاهي ٿو.