لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ هيڊڪوچ مصباح الحق يو ايس ماسٽر ٽي-10 جو حصو بڻجي ويو. تفصيل موجب آمريڪا ۾ يو ايس ماسٽر ٽي-10 ٽورنامينٽ جي افتتاحي ايڊيشن لاءِ تياريون تيزي سان جاري آهن، ليگ ۾ ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر شونارائن چندرپال، نيوزيلينڊ جو ڪوري اينڊرسن سميت دنيا جا مشهور رانديگر ميدان ۾ لهندا، ليگ ۾ 6 ٽيمون شامل ڪيون ويون آهن، يوايس ٽي-10 جو نئون لوگو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مصباح الحق چيو ته آمريڪا ۾ خاص طور هن عمر ۾ اهڙي فارميٽ جي ڪرڪيٽ جو حصو بڻجڻ مون لاءِ وڏو اعزاز آهي هر مداح اهوئي چاهي ٿو ته پراڻا رانديگر ايڪشن ۾ نظر اچن ۽ يوايس ماسٽر ٽي-10 ان لاءِ موقعو فراهم ڪيو آهي.