مشهور وڪيل لطيف آفريدي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو

0
391

ڪراچي (م ڊ) مشهور وڪيل لطيف آفريدي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو

ميڊيا رپورٽس موجب پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي احاطي ۾ مٿس فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر وڪيل لطيف آفريدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويوجتي هو دم ڏئي ڇڏيو جنهن جي ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا مارجي وڃڻ تصديق ڪئي

پوليس موجب 69 سالن جي عبداللطيف آفريدي کي 6 گوليون لڳيون، فائرنگ ڪندڙ شخص کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ عدنان جي نالي سان ٿي، جڏهن ته جوابدار سائل جي طور تي آيو هو

ATC judge, family members' murder: SCBA president among nine booked

پشاور هاءِ ڪورٽ بار احاطي ۾ فائرنگ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو پر معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اهو به معلوم ڪيو پيو وڃي ته جوابدار پستول اندر ڪيئن کڻي ويو يا هٿيار فراهم ڪرڻ ۾  سندس ڪنهن مدد ڪئي

واضح رهي ته مشهور قانوندان لطيف آفريدي سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر پڻ رهي چڪو آهي، هو قومي جمهوري تحريڪ جو سينيئر اڳواڻ هو جڏهن ته هو قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهيو آهي