چوٽياريون (ن پ ا) سنڌ جي مشھور ۽ البيلي شاعر عاجز اڄڻ جي وڇوڙي کي اٺ سال گذري ويا، سندس اٺين ورسي ملھائي وئي، سنڌ حڪومت. ثقافت کاتي طرفان ھميشا جيان ڪابه تقريب منعقد نه ڪئي وئي، ٽائيم نيوز طرفان عاجز اڄڻ جي زندگي بابت اسپيشل رپورٽ ھلائي وئي. 9 اپريل سنڌي جي مشھور شاعر عاجز اڄڻ جي ورسي جي مناسبت سان اٺن سالن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سندس سار نه لڌي، سندس ورسي ملھائڻ، سندس يادگار قائم ڪرڻ سميت سنڌ حڪومت طرفان ڪابه سرگرمي نظر نه آئي. عاجز اڄڻ سنڌ جو مشھور ۽ البيلو شاعر ھو. شير محمد البيلي ۽ انمول شاعري سرجي، “عاجز اڄڻ” طور پاڻ مڃرايو. پاڻ پرائمري استاد، ايچ ايس ٽي، سپروائيزر، سيڪنڊري ايجوڪيشن پروجيڪٽ آفيسر جي عھدن تي پڻ رھيو. سندس لکيل ڪلام تمام گھڻو مشھور ٿيا ۽ سنڌ جي مشھور فنڪارن سندس ڪلام ڳايا جن ۾ انور حسين وسطڙو، ڦوٽو زرداري، فوزيا سومرو، وحيد علي، قمر سومري، ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “عشق آڏيري ول” 2012ع ۾ ‘المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ’ طرفان شايع ٿيل آهي.