مشهور اداڪار ايم ايم بلوچ نهايت عليل، اسپتال داخل

0
209
مشهور اداڪار ايم ايم بلوچ

مانجھند (ن پ ا) سنڌي فلم انڊسٽري ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور اداڪار، ھدايتڪار ۽ ڊراما نويس استاد ايم ايم بلوچ بيماري سبب نھايت عليل، اسپتال داخل، وارثن پاران واھر جي اپيل

مانجھند تعلقي جي شھر علي آباد سان تعلق رکندڙ  سنڌ جو مشهور صف اول اسٽيج هدايتڪار، ڊراما نويس، ٽي وي ۽ فلمن جو اداڪار محمد موريل لاشاري  عرف ايم ايم بلوچ علالت سبب ايم ڪي اسپتال حيدرآباد م داخل آهي

ايم ايم بلوچ رت جون الٽيون ھجڻ ڪري علاج هيٺ آهي ايم ايم بلوچ اسٽيج، ٽي وي ۽ فلمي دنيا ۾ سوين شاگرد پيدا ڪيا ۽ سنڌي اسٽيج ڊرامن جي تاريخ ۾ سندس مک ڪردار آهن هن اسٽيج تي باهه، برسات ۽ طوفان جا سين متعارف ڪرائي پاڻ مڃرايو، جنھن ڪري کيس درجنين ايوارڊ پڻ مليا

ايم ايم بلوچ پنجاهه سالن کان وڌيڪ فن جي خدمت ڪئي. ايم ايم بلوچ ھن وقت زندگي ۽ موت سان وڙھي رھيو آھي پر ثقافت کاتي پاران ساڻس ڪنھن به قسم جو رابطو ناھي ڪيو ويو وارثن پاران واهر ۽ دعا جي اپيل ڪئي وئي آھي