مشهور اداڪارا مديحا رضوي ۽ حسن نعمان ۾ طلاق ٿي وئي

0
297

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره مديحا رضوي ۽ سندس مڙس حسن نعمان ۾ شادي جي 9 سالن کانپوءِ طلاق ٿي وئي

مديحا رضوي مشهور اداڪارا ديبا جي ڌيءَ آهي جڏهن ته حسن نعمان مشهور اداڪار راشد ناز جو پٽ آهي. ٻنهي جي شادي 2013ع ۾ ٿي هئي ۽ کين ٻه ڌيئرون آهن

فوٹو: فائل

مديحا رضوي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي مڙس کان طلاق بابت ٻڌايو. اداڪارا لکيو ته ڪيترائي سال گڏ گذارڻ کانپوءِ حسن ۽ مون طلاق جو حتمي فيصلو خوشيءَ سان ڪري ورتو آهي. اسان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي

هن لکيو ته آخر ۾ نتيجو اهو نڪتو ته اسان جدا ٿي وياسين پر پنهنجي ڌيئرن لاءِ هڪ خاندان وانگر گڏ رهنداسين. مديحا رضوي پنهنجي مداحن کي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ منهنجي ڌيئرن ۽ اسان جي پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي

ھي به پڙھندا

ماسترياڻيءَ شاگردياڻيءَ سان شاديءَ لاءِ جنس تبديل ڪرائي ڇڏي