ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا 3 وڳي شروع ٿيو. پي ٽي آءِ جي رابعه اظفر نظامي گهريلو تشدد روڪٿام ۽ تحفظ جو خانگي ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو . جڏهن ته  فردوس شميم نقوي پاران بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بابت پيش ڪيل خانگي بل ۽ ارسلان تاج پاران سنڌ پوليس ايڪٽ 1861ع کي رد ڪرڻ ۽ پوليس آرڊر 2002ع جي بحالي بابت ترميمي بل کي ايوان اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. سوال جوابن واري وقفي ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته مسجد، مندر، سميت خيراتي ادارن کي اپلاءِ ڪرڻ تي گاڏين جو ٽيڪس معاف ڪندا آهيون.