پرويز مشرف جي فوجي اعزاز ۾ تدفين

0
284

اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي ملير ڪينٽ جي پولو گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

اڳوڻي صدر جي جنازي نماز ۾ فوجي آفيسرز ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي

سابق صدر پرویز مشرف کی فوجی اعزاز کیساتھ تدفین

پرويز مشرف جو مڙهه آرمي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان دفنايو ويو

اڳوڻو صدر پرويز مشرف آچر ڏهاڙي دبئي جي امريڪن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس مڙهه گذريل شام خصوصي اڏام ذريعي دبئي مان پاڪستان آندو ويو هو

اڳوڻو صدر پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو، هو 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

جنرل (ر) پرويز مشرف 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو، 12 آڪٽوبر 1999ع تي هو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ هڪ ريفرنڊم ذريعي پاڪستان جو باقاعده صدر ٿي ويو

2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويو

هي به پڙهندا

اڳوڻو آمر جنرل (ر) پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو