ڪراچي (م ڊ) سنڌ پوليس جي اڳوڻي آفيسر رائو انوار انڪشاف ڪيو آهي ته بينظير ڀٽو جي قتل بابت جي آءِ ٽي رپورٽ تي صحيح ان ڪري ڪئي هئي جو ان وقت جي گهرو وزير رحمان ملڪ جو دٻاءُ هو ته بينظير جي قتل ۾ جنرل پرويز مشرف کي ملوث ڪيو وڃي،  نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي تجزئي نگار مظهر عباس موجب رائو انوار چيو ته مون صحيح کان انڪار ان ڪري ڪيو جو مشرف جو بيان وٺڻ کانسواءِ ان تي صحيح نه پئي ڪرڻ چاهي، اها ڳالهه رحمان ملڪ کي به ٻڌائي هئي، هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ منهنجو نالو ۽ پوليس آفيسر بن يامين جو نالو 2010ع ۾ شامل ڪيو ويو هو، خبر ناهي ايتري دير ڇو نالو شامل ڪيو ويو هو، رائو انوار چيو ته ان افسوسناڪ واقعي ۾ منهنجا ڪيترائي شڪ هئا، جاچ ۾ مون کي هڪ شيءِ جيڪا نظر آئي ته بينظير ڀٽو جون ٻه بليڪ بيري هيون اهي جي آءِ ٽي وٽ هجڻ ضروري هيون جيڪي 3 سالن تائين اسان کي نه مليون، هن وقت اهڙي ڳالهه ڇو ڪري رهيا آهيو؟ ان سوال تي رائو انوار چيو ته مشرف جي صحت جي حوالي سان جيڪي خبرون اچي رهيون آهن هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، ان ڪري ڳالهه رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ملوث هجڻ ڪٿي نظر نه آيو، ان بابت ثبوت گهريا ته اهي به نه ڏنا ويا، ان ڪري جڏهن جي آءِ ٽي رپورٽ تي صحيح ڪرڻ جو چيو ويو ته مون انڪار ڪيو هو، هن چيو ته اهو پورو بيان ۽ ٻيون ڳالهيون حلفيه چوڻ لاءِ به تيار آهيان ، ڪيس ۾ جاچ صحيح نموني نه هلائي وئي، پوري واقعي جو اڪرام محسود آپريشنل ڪمانڊر هو ۽ بيت الله محسود ماسٽر مائينڊ هو، 18 آڪٽوبر جي واقعي ۾ ٻيو گروپ جنهن جي قيادت طيب محسود ڪري رهيو هو، اهو ملوث هو، شاهديون مليون ته اهو سهراب ڳوٺ ۾ ڪٿي روپوش رهيو، بنهي واقعي جي جاچ صحيح انداز ۾ نه هلائي وئي، هن چيو ته جاچ صحيح انداز ۾ هلائي وڃي ها ته اڪرام محسود کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اهو ڪيس سولائي سان حل ٿي سگهيو پئي. شيون صحيح انداز ۾ نه هلايو ويون. رائو انوار چيو ته مون کي لڳي رهيو هو ته ڪجهه شيون لڪايون ويون جنهن ڪري جي آءِ ٽي تي صحيح کان انڪار ڪيو هو، اها ڳالهه ڪنهن به سطح تي ڪنهن سان به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.