مسڻ وڏي (رپورٽ:عرفان جروار)  مسڻ ۾ سماج جي ڌڪاريل درويشن، معذورن، گونگن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ان ڏس ۾ مسڻ ننڍي جي اسڪول ماستر يونس لغاري طرفان سندس ڳوٺ ننڍي مسڻ ۾ شاندار دعوت رکي وئي،  گڏجاڻي جي شروعات دهل جي ڌڌڪن سان ٿي جنهن ۾ سڀني آيل مهمانن (درويشن) کي مان سمان سان اوطاق ۾ گهرايو ويو جنهن کان پوءِ شاندار کاڌن سان سندن خاطر توازه ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ دهل جي ڌڌڪن تي انھن درويشن، چرين، معذورن ۽ گونگن کاڌي کائڻ جي خوشي جي اظهار طور رقص ڪيو ۽ گيت چيا ۽ پڇاڙي ۾ تقريب منعقد ڪندڙ استاد يونس لغاري طرفان انهن ئي مهمانن کي لفافن جي صورت ۾ ڪجھه پيسا تحفي طور ڏنا ويا.  هي تقريب پنهنجي نوعيت جي هڪ انوکي تقريب هئي جنهن ۾ حقيقي ٽهڪ هئا. حقيقي خوشي. حقيقي رقص هئو. سندن ماني کائڻي مان لڳو ٿي ته  ڪو وقت وهامي ويو آهي جو هنن جي پيٽ جي بک ناهي اجهاڻي، هو ضرور ماني کائيندا هوندا. ثواب جي نيت سان ضرور ڪو کين ماني ڳڀو ڏيندو هوندو پر پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني سان گڏ پريت جو هجڻ به ته  لازمي آهي. سندن چهرن کي ڏسي لڳو ٿي اڄ کين خوشي ملي آهي اها خوشي جيڪا وڃايل ٻار ملڻ سان ڪنهن ماء کي ٿيندي آهي، کين اڄ بنا گهريئي بنا ڇڙٻ مليئي چند پيسا مليا، هنن اڄ راڳ ڪيو، راڳ جنهن سان ڏيئا ٻرن نه ٻرن پر ڌرتي جي ڇاتي اڄ ضرور ٺري هوندي.