مسڻ (ن پ ا) مسڻ ويجھو ڳوٺ مٺو جروار جو رھواسي ھائي ڪورٽ ضمانت منظور ڪرائي آزاد ٿي ويو آهي. ھڪ سال اڳ ڳوٺ مٺو جروار ۾ ٻني جي مامري تان جروار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھڙو ٿيو ھو جنھن ۾ شفيق جروار گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيو جنھن جو ڪيس مسڻ وڏي ٿاڻي تي اڳوڻي تعلقي ناظم جليل جروار تي داخل ٿيو جنھن ڪيس ۾  جليل جروار کي مھينو اڳ ٽنڊوالھيار جي سيشن ڪورٽ جي جج انعام الحق ڪلھوڙي پنج سال جي قيد ۽ ڏند جي سزا ٻدائي ھئي. ڪالهه هاءِ ڪورٽ سندس ضمانت منظور ڪئي.