مسڻ (ن پ ا) يوسي مسڻ ،يوسي بيگن جروار ،يوسي سلطان آباد ۽ يوسي لانڍي جي برسات متاثرين جي چونڊيل نمائندن سميت ضلعي جي ڪنهن عملدر سار نه لڌي  آهي. برسات سبب بي گهر ٿيل بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل آهن. بي گهر ٿيلن نه ٽينٽ مليا نه راشن مليو آهي. روڊن جي ٻنهي پاسن کان بدبودار برساتي پاڻي هئڻ ۽ ماکي جي مک جيڏا مڇر هئڻ کٽون اڀيون ڪريو معصوم ٻارڙن سان مال سان گڏ روڊن تي هلندڙ ٽريفڪ کي اکيون هڻي ڏسندا رهن ٿا. مسڻ وڏي قاضي نور محمد لغاري روڊ تي، عمر ٿيٻو منو ٿيٻو روڊ تي، سونو مڱريو جي ڳوٺ ناگناه شاخ جي ڪپرن تي، مسڻ ننڍي کان بيگن جروار روڊ تي چئودگي کان ٽيل موري روڊ، جراڙ ٿيٻو لانڊي شاخ روڊ تي، مير واھ ٽنڊوالهيار روڊ سميت مختلف روڊن تي سوين جي تعداد ۾ برسات متاثرن پلاسٽڪ جي پني جا خيمان ٺاهي کٽن کي اڀيون ڪري ويٺل آهن برسات بند ٿيڻ لڳ ڀڳ 10 ڏينهن کان مٿي گذري ويا جڏهن متاثرن وٽ نه تڪ جو ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي آيو نه ايم پي اي امداد پتافي آيو نه وري سندس پارٽي جو ڪو عهديدار آيو نه ڊي سي ٽنڊوالهيار آيو نه اي سي جهنڊو مري نه مختيار ڪار جهنڊو مري، نه ڪوٽار نه تپيدار وٽن آيو نه وري ڪا اين جي اوز هتي ڪا پنهنجي سرگرمي ڏيکاري آهي ان حوالي سان سدا گل ميگھواڙ، ذوالفقار علي، نظير احمد هرجي ڪولهي، ميرا ٻائي ڌڻي بخش ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي تہ اسان کي سر لڪائڻ لاءِ خيمان بک ختم ڪرڻ لاءِ راشن ۽ مڇرن کان بچاءُ لاءِ مال ۽ معصوم ٻارڙن لاءِ مڇر دانيون ڏنيون وڃن ۽ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي دوائون فراهم ڪيون وڃن.