مسڻ (ن پ ا) مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو روز مرہ ۾ استعمال ۾ ايندڙ کاڌي پيتي جون شيون مھانگيون ٿي ويون  آهن، کير جا واپاري 80 کان 90 رپيا ڪلو کير خريد ڪن ٿا جڏهن ته وڪرو 120 کان 130 رپيا ڪلو وڪرو ڪن ٿا سائين ڀاڄين ۾ ڀينڊي 230 رپيا ڪلو ،ٽماٽا 300 رپيا ڪلو ،بصر 150 رپيا ڪلو ،ميهو 120 رپيا ڪلو گوار 220 رپيا ڪلو واڱڻ 150 رپيا ڪلو سنڌي ساوا مرچ 250 ڪلو توري 120 رپيا ڪلو ڪدو 100 رپيا ڪلو گوبي 150 رپيا ڪلو پالڪ 80 رپيا ڪلو ليمون 600 رپيا ڪلو کنڊ 90 کان 100 رپيا ڪلو سموريون دالون  ۽ چنا 250 کان 300 رپيا ڪلو پرل چانهه اڌ پاءُ 110 رپيا گيھه 540 کان 580 رپيا ڪلو سميت هر شئي 50 سيڪڙو مهانگي ٿي وئي 500 رپيا ڏيهاڙي ڪمائيندڙ مزدور هڪ ويلو به ڊئو سان نٿو کائي سگهي جڏهن ته هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اي سي جهنڊو مري سميت ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جا عملدار خاموش تماشائي بڻيل آهن ان حوالي هتان جي رهواسين سلمان سولنگي، ارباب ڀيل، محمد ملاح، آزاد ملاح ،اشرف لغاري، جاوید خان، رجب علي سميت ٻين ٻڌايو ته مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي حڪومت عوام جو رت چوسيندڙ عملدارن ۽ منافعي خورن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري روز مرہ ۾ استعمال ٿيندڙ شين جا اگھه گهٽايا وڃن وڌيڪ اگھه وٺندڙ خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي روز مره ۾ استعمال ۾ ايندڙ کاڌي پيتي جي شين جا اگھه گهٽائي غريب عوام کي بک مرڻ کان بچايو وڃي،