مسڻ ڀرسان گُم ڄاڻايل نينگر جو لاش هٿ

0
153
مسڻ ڀرسان گُم

مسڻ ڀرسان ڳوٺ ڏاڏا محمد آريسر ۾ گُم ڄاڻايل نينگر جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس 2 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي

نينگر شهباز ميرجت جو گهٽا ڏنل لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ وارث پهتا، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نينگر گذريل ڏينهن گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، وارثن مٽ مائٽن ۽ دوستن وٽ ڳولا ڪئي پر ڪو ڏس پتو نه پيو

مسڻ پوليس 2 شڪي حراست ۾ وٺي ڇڏيا، پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي پوسٽ مارٽم ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

قمبر ڀرسان ڪارنھن تڪرار تان سئوٽن ۾ جھيڙو، نوجوان مارجي ويو