مسوڀرڳڙي (ن پ ا)  مسوڀرڳڙي ۾ اٽي جا اگھ عرش تي پھچي ويا   آهن، جنهن ڪري غريب  طبقو پريشان ٿي ويو آهي. غريبن جا چلھا ٿڌا ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته  دڪاندار شھر ۾ اٽو 150 کان 160 روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، سرڪار پاران غريبن جي نالي تي اربين رپيا سبسڊي ڏئي سستي اگھ تي اٽو اوڪڻڻ لاء مسوڀرڳڙي ۾ هڪ به  اسٽال نه لڳايو ويو آهي. توڙي شھر جي يوٽيلٽي اسٽورن تان پڻ  اٽو  غائب ٿي ويو  خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب ضلعي حيدرآباد جي مختلف شهرن ۾ لڳايل اسٽال به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا اسٽال من پسند ماڻهن حوالي ڪرڻ سان غريبن کي سستو اٽو نه مليو ڏهاڙيدار طبقي سان تعلق رکندڙ غريب فاڪاڪشئ تي مجبور بڻيل ، هتان جي سياسي سماجي ڌرين شاھ محمد ڪلهوڙو ، امجد رند،شير ايم وگهيو،اسلم وگهيو، رحمت الله سولنگي ، ايڊ وڪيٽ محب آزاد ۽ ٻين پاران ضلع و تعلقه حيدرآباد ايڊمنسٽريشن ۽  چونڊيل نمائندن کان مسوڀرڳڙي ۽ آسپاس جي علائقي م سستي اگھ تي اٽي جا اسٽال هڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي.