مسوڀرڳڙي (ن پ ا) حيدرآباد جي تعلقي ٻھراڙي جي يوسي مسوڀرڳڙي جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ ٻين فصلن جيئان گلاب جو فصل به تباهه ٿي ويو آھي. آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي ته اچي ويا آھن. جڏهن ته هي فصل سوئا مينهن جيان هوندو آهي  جنهن مان  هر روز آمدني ملندي رهندي آهي هن فصل جي تباهي جي ڪري زميندار کي گهٽ هاري کي نقصان گهڻو ٿيو آهي هن فصل جو هر روز اگھه الڳ الڳ هوندو آهي جيڪو 100 کان ويندي 500 رپيا يا ڪڏھن ڪڏھن ڪن خاص موقعن تي ان کان به وڌي ويندو آھي هن فصل جي ڪري هارين ۽ مزدورن کي تمام گهڻو فائدو ملندو آهي ڇو جو هو صبح جو سويري اٿي گلاب جي پٽائي ڪري ٻي ڪنهن مزدوري تي به ويندا آهن پر جڏهن کان  اهو فصل برساتن ۾ سڙي ويو آھي هتان جا سوين خاندان فاڪا ڪشي تي مجبور بڻيل آھن ضرورت هن ڳالھ جي آھي  ته سنڌ سرڪار گلاب جي تباھ ٿيل فصل جو آبادگارن کي معاوضو ۽ قرض  ڏئي ته جيئن ھتان جا آبادگار ڪجھ پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي سگهن.