مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي جو رهواسي گورنمنٽ هاء اسڪول جو سينئر استاد نجم الدين آرائين 55سالن جي ڄمار ۾ ڪاري سائي سان جهيڙيندي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز مسوڀرڳڙي ۾ اداڪرڻ کاپوء کيس اباڻي قبرستان ڏاڏي آريسر ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو سندس جنازي ۾ شاگردن ،استادن ۽ علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن سميت ڀرپاسي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ٻئي طرف سائين جي اچانڪ وڇوڙي تي سندس عزيزن. رهواسين توڙي شاگردن ۾ ڏک وارو ماحول ڇانيل آھي.