مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ ڪاٺڙي ٻيلو ۾ وڻن جي واڍي ۽  مٽي کڻڻ  خلاف ٻيلا بچايو ڪاميٽي پاران احتجاج ڪندي ٻيلي کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو  ڪيو ويو. ٻيلا بچايو  ڪاميٽي جي اڳواڻن گهنور پالاري، پيرمحمد نوناري، علي گوهر مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ڪاٺڙي ٻيلي ۾ وڻ جي واڍي ڪري ٻيلن کي تيزي سان ختم ڪيو پيو وڃي ، هنن چيو ته مٽي کڻڻ ۾ ھتي بلڊر مافيا سرگرم آھي هن سڄي  ڪم  ۾ آر ايف او ۽ ڊي ايف او ملوث آھن هنن چيو ته فاريسٽ ڊپارٽمنٽ آف سنڌ هن مسئلي جو نوٽس وٺي تدارڪ ڪري ٻئي صورت م ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.