مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي شھر جي ھول سيل دڪان تي واپاري سرعام نقلي ۽ غير معياري عام واهپي جون شيون وڪرو ڪري رھواسين کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آهن. دڪاندار  شيمپو، صابڻ، صرف، بسڪيٽ، ٽافيون، مٺيون سوپايون ،سگريٽ، ڪوڪوڪنگ آئل،بيسڻ،ٽوٿ پيسٽ،مسالن سميت سوين نقلي شين جو وڪرو سرعام ڪري رهيا آهن، اهي شيون واپرائڻ  ڪري رهواسي  پيٽ، چمڙي سميت ٻين بيمارين   ۾ مبتلا ٿي رهيا آھن. هتان جي سياسي سماجي شخصيتن،جميل احمد، محب لغاري، محمد وگهيو، امجد رند ۽ ٻين حيدرآباد فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته مسوڀرڳڙي ۾ نقلي سامان وڪڻندڙ هول سيل جي دڪانن تي ڇاپا هڻي سندن دڪان سيل ڪيا وڃن ته جيئن هتان جا رهواسي نقلي سامان واپرائڻ کان بچي سگهن.