مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾ گورنمنٽ بوائز اسڪول ۾  استادن جي کوٽ جي ڪري معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آھي. گڏ ڪيل انگ اکر موجب اسڪول ۾  300 ٻارڙن کي پڙھائڻ لاءِ هيڊ ماستر سميت صرف 3 استاد مقرر ٿيل آھن جيڪي 300 سئو ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ناڪافي آھن جڏهن ته اسڪول ۾ لوئر اسٽاپ جي پڻ کوٽ آھي ان حوالي سان اسڪول انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو  ته اسڪول ۾  استادن جي کوٽ نئين ڀرتين باوجود پوري نه ٿي سگهي  آھي هن چيو ته جلد استاد ڏنا وڃن   ان حوالي سان هتان جي رهواسين جميل احمد ,شير محمد ,چندن اعجاز ڪلهوڙو ,محمد سليم وگهيو ۽ ٻين پڻ تعليم کاتي کان استاد مقرر ڪري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي .