ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مسنگ پرسنز  (کنڀيل شهري ) وارو معاملو رياست لاءِ چيلنج بڻيل آهي، وفاقي حڪومت اهو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان کي مسلح جدوجهد، بندوق يا ٽينڪ ذريعي نه پر بيلٽ ۽ ووٽ ذريعي حاصل ڪيو ويو هو،  جنرل ايوب خان پهريون ڀيرو ملڪ جو رخ موڙي ڇڏيو، ڪالهه هتي هوٽل ۾ نامياري سياستدان ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ سردار عطالله مينگل بابت ٿيل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عطاالله مينگل اصولن ۽ نظريي جي سياست ڪئي، عطاالله مينگل سياسي ڏاهپ جو سمنڊ هو، هن چيو ته  هاڻي اهو طئه ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ۾ بالادستي آئين يا ڪجهه طبقن کي حاصل آهي؟ جيستائين اهو طئه نه ٿيندو تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا، معيشت مضبوط ٿيڻ تائين ملڪ مضبوط نه ٿي سگهندو، هن چيو ته هن وقت پاڪستان وٽ نادر موقعو آهي، اڄ به وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مسئلا حل نه ڪري سگهياسين ته شايد ٻيهر ڪو موقعو نه ملي، هن چيو ته بلوچستان جي وڍ واري علائقي سميت بلوچستان جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽيون  ٺاهينداسين. تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو ته سي پيڪ منصوبي وقت حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو مون کي چين وڃڻو پيو، چين جي حڪمرانن چيوته اوهان وٽ بدامني ۽ دهشتگردي آهي، ايتري وڏي منصوبي جي تڪميل ڪيئن ممڪن آهي؟ هن چيو ته جيڪو سي پيڪ جو حامي آهي اهو آمريڪا جو دشمن ۽ جيڪو سي پيڪ جو مخالف آهي اهو آمريڪا جو دوست آهي، هن چيو ته اسان جيڪڏهن انڊيا سان واپاري تعلق رکون ٿا ته مُلڪي مفاد سامهون اچي ٿو، اسان جا ايران ۽ افغانستان سان واپاري لاڳاپا هجڻ گھرجن، آئون اڄ به چوان ٿو ته جمھوريت مسلسل ڪمزور ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان سياستدان مفاد پرست آهيون، اسان کي پنهنجن غلطين طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي اڳُوڻي وزيراعليٰ سردار اختر مينگل چيو ته اسان جو ڪو به شعبو غلامي کان آزاد ناهي، اسان سڀ هڪ طبقي جا غلام آهيون، آئين تحت به پنهنجن حقن جي ڳالهه نه ٿا ڪري سگهون، ملڪ هلائڻ لاءِ سمورن ادارن کي پنهنجن حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته پاڻمرادو نوٽيس به رڳو هڪ طبقي  لاءِ آهن؟ ايس يو پي جي سربراھه  سيد جلال محمود شاھ چيو ته عطاالله مينگل سدائين جمھوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا درد هڪ جهڙاآهن، اسان کي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي  پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ت عوامي نمائندن کي ڪمزور ۽ بدنام ڪرڻ جي جنگ رهي، هر 10 سالن بعد آئين کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ وڌو ويو، ملڪ ۾ طاقتورن کي جلا بخشڻ واري عدليه ئي هئي. اڄ مدي ۾ واڌ واريون ڳالهيون هلن پيون پر ماضي ۾ ڪجهه ماڻهن ته پنهنجو پاڻ کي ئي توسيع ڏني هئي.  هن چيو ته حڪومت ۾ ويٺل 11 جماعتن جي اتحاد کي گڏجي ويهي چارٽر آف اڪانامي جوڙڻ ( ميثاق معيشت) ترتيب ڏيڻ گھرجي.  پختون خوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين، اسان کي خيرات نه پر انصاف کپي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ايڊوڪيٽ ياسين آزاد چيو ته بلوچستان جا ماڻهو ايترا ئي محب وطن آهن، جيترا ٻين صوبن جا ماڻهو آهن، مسنگ پرسن جا معاملا نه رڳو بلوچستان پر ڪراچي ۾ به آهن، سياسي جماعتن کي رڳو حڪومت ملندي آهي، اقتدار اڄ به طاقتور ڌرين وٽ آهي، پاڪستان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ادارن کي بهتري طرف وڃڻو پوندو، سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد چيو ته ملڪ ۾ 35 سال آمريت رهي آهي، پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهڻ وارا ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ چاهين ٿا، بلوچستان سميت هر صوبي جا ماڻهو عزت جا حقدار آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪير آهن جيڪي ملڪ ۾ ماڻهن تي ظلم ڪري رهيا آهن؟