مسمات عيدان جي عيد!

0
216
مسمات عيدان جي عيد!

 عيد جو ڏينھن ٻارن لاءِ وڏو، پوڙھن لاءِ پورو، درزين لاءِ دردناڪ ۽ نوجوانن لاءِ دونھيندار ھوندو آھي. ھن عيد کي ‘مِٺي عيد’ ان ڪري سڏيو ويندو آھي، جو ھر ڪوئي ننڍو، جوان توڙي پوڙھو سَيَن ۽ سوجي ۾ پيل ڪِشمِشِ کائڻ جي ڪشمڪش ۾ لڳل ھوندو آھي، ڇو ته ڪِشمِش ۾ ھڏو ناھي ٿيندو ۽ ترت ھضم ٿي ويندي آھي، جڏھن ته عيد جي ڏينھن منھنجو دوست “موڳو مٽر” ھميشہ سوٽيون کائيندو آھي. سندس زال وري وٽيون چٽيندي آھي. اڄ جڏھن ھُو عيد جي ڏينھن پنھنجي زال کي پارڪ گھمائڻ ويو ته اتي پرايون مايون ڏسي گانو جهونگاريائين ته، “عيد جو چنڊ ته ناھيان، جو نھارين مونکي…!” ٻيو ڪنھن ته ڪونه نھاريس پر پويان گڏ ايندڙ زال کيس ڦيهه ڪڍندي چيو ته، “تون عيد جو چنڊ نه پر چنڊو ضرور آھين… مان  ته روزانو توکي نھاري نھاري ٿڪجي پئي آھيان..!” مٽر ڌڪ پچائيندي کيس ورندي ڏني ته، “پوءِ به اڃان انڌي ناھين ٿي.. ڪاش..! مان درزي ھجان ھا يا حجام، گھٽ ۾ گھٽ عيد جي ڏينھن مان پاڻ ته انڌو ھجان ھا…!” ڪياڙيءَ ۾ ڇڪو لڳڻ بعد موڳي مٽر جو جيئن موڊ خراب ٿيو ته تازو ورتل ايف ايڪس ڪار کي پارڪ جي گيٽ وٽان اچ وڃ ڪندڙ ماڻھن کان ڌِڪو ڏئي اسٽارٽ ڪرڻ بعد پاڻ کان ٻه دفعا وڌيڪ وزن رکندڙ ۽ جاءِ والاريندڙ زال “مسمات عيدان” کي ويھارڻ جو اشارو ڪيائينئ جيئن ئي ايف ايڪس ڪار پارڪ جي گيٽ کان اڳتي ھلڻ لڳي ته ڌڪو ڏيندڙ ماڻھو حيرت مان ڪار پويان لکيل عبارت کي غور سان پڙھڻ لڳا: “جي محبوب ھجي راضي ته ھر روز عيد جو ڏينھن آھي…!”

عيد جي خوشي وڌ ۾ وڌ درزي ۽ وار ٺاھڻ (ھيئر ڪٽنگ) واري حجام (نائي) جي زالن کي ٿيندي آھي، ڇو ته عيد ايندي ئي سندن مڙسن جي ديد جھڪي ٿيندي آھي ۽ سال جي سندن سڄي بمپر ڪمائيءَ تي زالون ائين قبضو ڪنديون آھن، جيئن فصل لھڻ، بٽائي مھل زميندار ھاريءَ کي ڏنل اوڌر جو قرض پکي جو حساب چِڪتو ڪندي سڄو اناج کڻي ويندو آھي. درزين ۽ حجامن جي زالن کان وڌيڪ خوش انھن جا ڀائر، ڀاڻيجا ۽ ٻيا سندن مائٽ ھوندا آھن، ڇو جو ھُو بنا پئسي جي سندن مضبوط ريفرنس سان ڪپڙا به مفت سبرائيندا آھن ۽ وار به مفت ٺھرائي عيد تي ائين گھمندا آھن، ڄڻ ھمراھ ھاڻي ھاڻي چڙيا گھر گھمي نڪتا آھن. ڪنھن نوجوان کي اھڙي ٽور ٽلندي ڏسي سمجھي وڃو ته سندس ڀيڻويو درزي آهي يا حجام. عيد تي وڌ ۾ وڌ ڏکارا وري ‘خضابي’ ۽ سندن کٿابي ھوندا آھن، ڇو ته مفت جا ملندڙ گدرا، ھنداڻا، پڪوڙا، سموسا، چاٽ ڇولا ۽ ٻيا طرحين طرحين جا فروٽ ۽ کاڌا ائين بند ٿي ويندا آھن، ڄڻ آءِ ايم ايف سندن ايندڙ رمضان تائين انھن سڀني فروٽن ۽ کاڌن کائڻ کان دُوريءَ جو شرط رکيو ھجي.

ھر سال جيان ھن دفعي به عيد ڏينھن تي به محمود ۽ اياز کي ھڪ صف ۾ بيھارڻ جون ڪوششون ورتيون ويون پر سرڪاري ڌُر ھميشه جيان ناڪام رھي. ھن دفعي اياز ته ٽائيم تي پھتو پر محمود جي گاڏيءَ جو پئٽرول ختم ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اڳئين ٻڪرن واري عيد تي ٻنھي کي نه صرف ھڪ صف پر ھڪ ٿالھيءَ ۾ کارائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ عالمي گڏيل مالياتي ادارن کان قرض تي پئسا وٺي اھو ڪم ٿرڊ پارٽي يعني “عيد مِلن پارٽي” کي سونپيو ويو آھي. اھڙي اسائنمينٽ ملڻ تي عيد ملن پارٽي سڌو سنئون اليڪشن ۾ “جيئن جو تيئن” کٽي ڪري اقتدار ۾ اچڻ جو پورو وچن ڪيو آھي. سياسي تاريخ جي ڪجھ عرصي تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پوي ٿي ته عيد ملن پارٽي اصل ۾ ‘اُف- طار’ پارٽي جي ڀيڻ آھي. ٻنھي پارٽين ۾ بنيادي فرق صرف طعام جو آھي، باقي ڪلام ٻنھي جو ساڳيو آھي. ‘اُف- طار’ پارٽي طعام ھڪ ڇٽيءَ ھيٺ کارائيندي آھي، پوءِ ڪارڪن ڇڙ وڇڙ ٿي ويندا آھن، جڏھن ته عيد ملن پارٽي پاران طعام جو بندوبست ڪنٽينر اندر ڪيو ويندو آھي. عالمي ادارن پاران وري ‘گدرا پارٽي’ سمجھي ڪري گدرن جا ڪنٽينر ان ڪري موڪليا ويا آھن، جو ڪنھن پارٽي جي اڳواڻ خط ۾ Eid Melon Party لکيو ھو. چڱو جو واٽر ملن  Watermelonنه لکيو، نه ته سڄو ملڪ ھنداڻن سان حلواڻ ٿي وڃي ھا.