ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اردن جي اڳوڻي وزيراعظم پروفيسر ڊاڪٽر عدنان بدران جي سربراهي ۾ سائنسدانن جي وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ لبنان جو پروفيسر ڊاڪٽر اليس بيڊون، ايران جي پروفيسر ڊاڪٽر موسوي مهوادي، اردن مان ڊاڪٽر نجوه، ڪراچي يونيورسٽي جو ڊاڪٽر اقبال چوڌري شامل هئا۔  ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته مسلم ملڪ پنهنجن تعليمي ادارن ۾ جديد سائنسي تعليم فراهم ڪن، هن  چيو ته ڪو وقت هو،  جڏهن سائنس جي ميدان ۾ مسلم دنيا سڄي دنيا جي اڳواڻي ڪندي هئي۔ فلڪيات، بحري  سائنس، جراحي ۽ طبي سائنس ۾ مسلمان ملڪ اڳتي هئا، هاڻي سائنس جي شعبي ۾ ٻيهر ترقي ڪرڻ گهرجي ته جيئن سماجي مسئلا حل ٿي سگهن، اسان جي حڪومت سائنس جي ترقي لاءِ مسلمان سائنسدانن جي رهنمائي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته  دوائن، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد تحقيق جي ضرورت آهي۔  ٻوڏ يا ڏڪار واري صورتحال ۾ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي،  مسلم ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي اردن جي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلامي دنيا ۾ سائنسي تعليم ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ او آءِ سي بهترين پليٽ فارم آهي۔  مسلم ملڪن جي تعليمي ادارن جا پروفيسر به گڏيل پليٽ فارم ٺاهي هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا۔ وڏي وزير جو اردن جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر عدنان ۽ سندس وفد سان  تعليم جي واڌاري لاءِ معاهدو ڪيو ويو۔