مسلمان هجڻ جي ڪري وزارت تان برطرف ڪيو ويو آهي: نصرت غني

0
580

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) برطانيه جي حڪمران ڪنزرويٽو پارٽي جي مسلمان ميمبر نصرت غني دعويٰ ڪئي آهي ته کيس سندس مسلم عقيدي سبب وزارت تان برطرف ڪيو ويو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب نصرت غني جو چوڻ هو ته ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ مسلمانيت کي هڪ مسئلي طور اٿاريو ويو، چيف ويپ کيس ٻڌايو هو ته سندس مسلمان عقيدو ساٿين کي پريشان ڪري رهيو آهي

49 سالن جي نصرت غني کي فيبروري 2020 ۾ ڪابينا ۾ ڦيرڦار دوران ٽرانسپورٽ واري وزير جي عهدي تان هٽايو ويو هو

 ان حوالي سان ڳالهائيندي نصرت غني چيو ته سندس شهرت ۽ ڪيريئر جي تباهي جي خبرداري کانپوءِ هوءَ خاموشي اختيار ڪئي, ٻئي طرف برطانيا ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر نصرت غني سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪنزرويٽو پارٽي کي انهن الزامن جي مڪمل ۽ فوري جاچ ڪرڻ گهرجي

برٽش پاڪستاني پارليامينٽ مميبر افضل خان چيو آهي ته نصرت غني کي مذهبي بنيادن تي نشانو بڻائڻ انتهائي سنگين ۽ خوفناڪ عمل آهي، ٽوري پارٽي ۾ اداري سطح تي اسلامو فوبيا واضح ٿي چڪو آهي

هوڏانهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر بارونس وارثي نصرت غني جي حمايت ۾ چيو آهي ته اسلامو فوبيا تي نصرت غني جو آواز ٻڌڻ جو وقت اچي ويو آهي