مسلمانن جي خاموشي فلسطينين جي بي وسيءَ جو سبب آهي:نيلم منير

0
664

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا نيلم منير فلسطين مسئلي تي عالمي برادري جي خاموشي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.نيلم منير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پينٽ ڪيل تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ معصوم ٻار فلسطين جو جهنڊو کڻي پريشان ويٺل نظر اچي رهيو آهي.تصوير سان گڏ اداڪارا لکيو ته مون کيa يقين آهي فلسطينين جي بي وسيءَ جو سبب مسلم ملڪن جو اسرائيل خلاف آواز نه اٿارڻ آهي، نالي ماتر عالمي طاقتون مسلمانن جي زندگين جي پرواهه نه ٿيون ڪن، اسرائيل جون فلسطينين خلاف ۽ ڀارت جون ڪشميرين خلاف ڪارروائيون ان خاموشيءَ جو ثبوت آهن.