مسرت چيما ۽ جمشيد چيما به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
224
مسرت چيما ۽ جمشيد چيما به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
مسرت چيما ۽ جمشيد چيما به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مسرت جمشيد چيما ۽ سندس مڙس جمشيد چيما  به پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ڇڏي ڏنو

پريس ڪانفرنس ۾ جمشيد چيما ۽ مسرت جمشيد چيما سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو

جمشيد چيما ۽ مسرت جمشيد چيما کي اڄ اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جمشيد چيما ۽ مسرت جمشيد چيما جي نظربندي جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ انهن جي آزادي تي عمل ڪيو ويو

ياد رهي ته 9 مئي تي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پرتشدد احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جنهن دوران شرپسندن رياستي ۽ فوجي تنصیبات تي چڙهائي ڪئي هئي

3 ڏينهن کان جاري پرتشدد احتجاج دوران 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿي پيا، جنهن دوران رياستي ۽ فوجي ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو، ملڪ ۾ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي

بعد ۾ حڪومت شرپسندن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو

9 مئي کان وٺي عمران خان جي ڪيترن ئي ويجهن ساٿين سميت ڪيترن ئي ميمبرن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، نه رڳو اهو پر ڪيترن ئي ڪارڪنن عمران خان جي ڪيترن ئي پاليسين کي فوجي تنصيبات تي حملن جو ذميوار قرار ڏنو آهي

هيٺيان اهم پارٽي اڳواڻن ۽ اڳوڻي ايم ايل ايز جي فهرست آهي جيڪي هن وقت تائين چئن صوبن مان عمران خان ڏانهن رخ ڪري چڪا آهن

هن کي به پڙهندا

مليڪا بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو