مسجد الحرام ۾ ڪورونا پابنديون ختم: 2 سالن بعد سماجي وٿي بنا نماز ادا

0
329
مسجد الحرام ۾ 2 سالن بعد سماجي وٿي بنا نماز ادا
مسجد الحرام ۾ 2 سالن بعد سماجي وٿي بنا نماز ادا

مڪو شريف/مدينو منور (م ڊ) مڪي شريف ۽ مسجد نبوي صه ۾ ڪورونا وبا جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل سماجي وٿيءَ جون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. پهريون ڀيرو نمازين  فجر جي نماز سماجي وٿي کانسواءِ ادا ڪئي.

حرمين الشريفين انتظاميا سماجي وٿي لاءِ لڳايل علامتون هٽائي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ سماجي وٿي جي بنا نمازون ادا ڪيون ويون.

پڌرائيءَ موجب ڪورونا وبا کان اڳ جي صفن کي اصل صورت ۾ بحال ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ هاڻ مڪمل افرادي گنجائش سان گڏ نمازون پڙهي سگهبيون. انتظاميا موجب مسجد الحرام جي دالان مطاف ۾ به سماجي وٿي لاءِ لڳايل علامتون هٽايون ويون آهن.

طواف يا سعي ڪندڙن لاءِ سماجي وٿي جو اصول ختم ڪيو ويو آهي پر ماسڪ جي پابندي برقرار رهندي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪعبت الله ۽ مقام ابراهيم عليه السلام جي ڀر ۾ لڳايل بيريئر به هٽايا ويا آهن.

ڪالهه ٻن سالن ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن سماجي وٿي کانسواءِ فجر جي نماز ادا ڪئي جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتن جو به وڏو انگ موجود هو. ان موقعي تي سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.