مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ ويڪسين ٿيل ماڻهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي: اين سي او سي

0
201
مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ ويڪسين ٿيل ماڻهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي: اين سي او سي
مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ ويڪسين ٿيل ماڻهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي: اين سي او سي

ڪراچي (م ڊ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) فيصلو ڪيو آهي ته رڳو ويڪسين ٿيل ماڻهن کي مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي

اين سي او سي اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ مسجدن ۽ عبادت گاهن لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رڳو مڪمل ويڪسين ٿيل ماڻهن کي مسجدن ۽ عبادت گاهن ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي، مسجدن مان قالين هٽايا وڃن ۽ مسجدن ۽ عبادتگاهن ۾ 6 فوٽ پري رهڻ جو فيصلو ڪيو وڃي

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي اجلاس ۾ چيو ويو ته بزرگ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو گهرن ۾ نماز پڙهڻ کي ترجيح ڏين، گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو مسجدن ۾ اچن ۽ نمازي گهران وضو ڪري مسجد ۾ اچڻ کي ترجيح ڏين

اين سي او سي جي اجلاس ۾ چيو ويو ته مسجدن ۾ جيترو ٿي سگهي سينيٽائيزر جو استعمال ڪيو وڃي ۽ عبادت کليل هوا ۾ ڪئي وڃي، دريون ۽ دروازا هوا لاءِ کليل رکيا وڃن ۽ جمعي جي نماز جو خطبو مختصر رکيو وڃي

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جاري آهي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 6 هزار 500 کان وڌيڪ ڪيس ۽ 12 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن