مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون

0
203
مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون
مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي: بسن جي ڀاڙن ۾ واڌ خلاف ٽرانسپورٽ کاتي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، واڌو ڀاڙا  وٺندڙ مسافر بسن کي چالان ڪري ڏنڊ وصول پڻ ڪيو ويو آهي

ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي کاتي  واڌو ڀاڙو وٺندڙن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون آهن

 

سيڪريٽري پراوينشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اميت نوانيءَ جي سربراهيءَ ۾ ٽيم جي  ڀڃڪڙين خلاف مهم جي شروعات ڪئي

گذريل رات ڪراچيءَ ۾ 45 گاڏين  کي چيڪ ڪيو ويو، ڀڃڪڙي ڪندڙن  تي 15000 رپيا ڏنڊ لاڳو  ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاررواين دوران واڌو ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن کان مسافرن کي  97000 رپيا واپس ڪرايا ويا

 

شهيد بينظير آباد ۾ ڀڃڪڙي  ڪندڙ ٽرانسپورٽرن تي 5000 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ 30 گاڏين جو چالان  ڪٽيو ويو، 17100رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، مسافرن کي 7800 رپيا موٽرايا ويا

بدين ۾ ٽرانسپورٽرن تي 7500 رپيا  ڏنڊ ۽ مسافرن کان ناجائز ورتل 6800  رپيا واپس موٽرايا ويا، سکر ۾ ٽرانسپورٽ کاتي موٽر وي پوليس سان گڏجي روهڙي  ملتان موٽر وي تي ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران ٽرانسپورٽرز تي  10500 رپيا ڏند لاڳو ڪري  12300 رپيا مسافرن کي ڏياريا ويا

عوام جي سهولت لاءِ ٽرانسپورٽ  کاتي جون آفيسون کليلرکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽرانسپورٽرز کي وارننگ ڏني وئي آهي ته مقرر ڀاڙا وصول ڪيا وڃن، واڌو ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو