اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير مفتاح  اسماعيل چيو آهي ته ملڪ جي موجوده مسئلن جو ذميوار صرف ۽ صرف عمران خان آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان جڏهن اقتدار ۾ آيو ته ڊالر جو قدر 122 رپيا هئي، جڏهن عمران خان حڪومت مان ويو ته ڊالر 190 رپين تي پهچي چڪو هو، اسان سياسي قيمت ادا ڪئي پر ملڪ بچايو، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ نه ڏنو ان تي فخر آهي،  عمران ملڪ مٿان قرض وڌائي 44 هزار ارب تي پهچائي ويو، ايندڙ حڪومت لاءِ تيل تي سبسڊي ڏيڻ جو ڄار وڇايو، هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته اصل چور ڪير آهي، توشا خاني جي گهڙين کان وٺي غير ملڪي فنڊنگ تائين اسان ڄاڻون ٿا، فرح خان کان زيورن جو مطالبو ڪرڻ تائين گهڻا مامرا اسان ڄاڻون ٿا، اسان اهو به ڄاڻو ٿا ته ڪير ڪرپٽ، ڪوڙو ۽ نااهل آهي، صرف عمران خان اڪيلو ان سموري گندگي جو ذميوار آهي.